5 سلمون کي سندس زال راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس زال رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو.
6 يشيءَ مان دائود بادشاھہ پيدا ٿيو. دائود کي سليمان انھيءَ زال مان پيدا ٿيو جيڪا پھريائين اورياہ جي زال ھئي.
7 سليمان مان رحبعام پيدا ٿيو، رحبعام مان ابياہ پيدا ٿيو ۽ ابياہ مان آسا پيدا ٿيو.
8 آسا مان يھوشافاط پيدا ٿيو، يھوشافاط مان يورام پيدا ٿيو ۽ يورام مان عُزياہ پيدا ٿيو.
9 عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آحز پيدا ٿيو ۽ آحز مان حزقياہ پيدا ٿيو.
10 حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو.
11 جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.