9 عُزياہ مان يوتام پيدا ٿيو، يوتام مان آحز پيدا ٿيو ۽ آحز مان حزقياہ پيدا ٿيو.
10 حزقياہ مان منسي پيدا ٿيو، منسي مان آمون پيدا ٿيو ۽ آمون مان يوشياہ پيدا ٿيو.
11 جن ڏينھن ۾ بني اسرائيل جا ماڻھو گرفتار ٿي بابل ڏانھن ويا ھئا، تن ڏينھن ۾ يوشياہ مان يڪنياہ ۽ سندس ڀائر پيدا ٿيا.
12 انھن ماڻھن جي بابل ڏانھن گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ يڪنياہ مان شئلتيايل پيدا ٿيو ۽ شئلتيايل مان زربابل پيدا ٿيو.
13 زربابل مان ابيئود پيدا ٿيو، ابيئود مان الياقيم پيدا ٿيو ۽ الياقيم مان عازور پيدا ٿيو.
14 عازور مان صدوق پيدا ٿيو، صدوق مان اخيم پيدا ٿيو ۽ اخيم مان اليئود پيدا ٿيو.
15 اليئود مان اليعزر پيدا ٿيو، اليعزر مان متان پيدا ٿيو ۽ متان مان يعقوب پيدا ٿيو.