1 عيسيٰ پنھنجي ٻارھن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي گڏ ڪيو ۽ کين اختياري ڏنائين تہ ڀوتن کي ڪڍين ۽ ھر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين.
2 انھن ٻارھن رسولن جا نالا ھي آھن: پھريون شمعون جنھن کي پطرس ڪري سڏيندا آھن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا، جيڪي زبديءَ جا پٽ ھئا،
3 فلپس ۽ برٿلمئي، توما ۽ متي محصول اڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ ٿدئي،
4 شمعون قومپرست ۽ يھوداہ اسڪريوتي جنھن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.
5 انھن ٻارھن رسولن کي عيسيٰ ھيٺين ھدايتن سان روانو ڪيو تہ ”ڪنھن بہ غير قوم جي علائقي ڏانھن يا سامرين جي شھرن ۾ نہ وڃجو،
6 پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو.
7 جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘