متي 10:15-21 SCLNT

15 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“

16 ”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو.

17 پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.

18 اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.

19 پر جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪرائين تڏھن اھا ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي. جيڪي اوھان کي چوڻو ھوندو سو انھيءَ مھل پاڻھي اوھان کي ٻڌايو ويندو،

20 ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا سي اوھان جا نہ ھوندا پر اوھان جي پيءُ جو روح اوھان جي وسيلي ڳالھائيندو.

21 ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.