27 جو ھينئر آءٌ اوھان کي اونداھيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوھين روز روشن ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوھين سسپس ۾ ٻڌو ٿا اھو وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪارجو.
28 انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.
29 اوھين ھڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون تہ خريد ڪري سگھو ٿا، پر انھن مان ھڪڙي بہ اوھان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪري.
30 اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن.
31 سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
32 ”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.
33 پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“