34 ”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي.
35 ڇالاءِجو منھنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنھن سس جي خلاف ٿيندي،
36 ۽ ماڻھوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.
37 جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي.
38 جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي.
39 جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“
40 ”جيڪو اوھان کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ڄڻ ان کي قبول ڪري ٿو جنھن مون کي موڪليو آھي.