6 پر بني اسرائيل جي گھراڻي جون جيڪي رڍون گمراھہ ٿي ويون آھن تن وٽ وڃجو.
7 جتان جتان لنگھو تہ اھو اعلان ڪندا وڃجو تہ ’آسمان واري بادشاھت ويجھي آئي آھي.‘
8 بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.
9 کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو،
10 سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِجو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.
11 جڏھن اوھين ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ وڃو تہ جاچ ڪجو تہ اھڙو ڪو آھي جو اوھان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوھين وٽس ايستائين ٽڪجو جيستائين اُن شھر مان روانا نہ ٿيو.
12 جڏھن ڪنھن گھر ۾ وڃو تہ سلام ڪجو.