1 جڏھن عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن کي ھدايتون ڏيئي چڪو تہ ھو اتان روانو ٿي ويو، تہ جيئن ويجھن شھرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري.
2 جڏھن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ ھن پنھنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانھن موڪليا.
3 ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
4 تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ
5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
6 سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“