14 جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ.
15 جنھن کي بہ ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
16 ھن وڌيڪ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان؟ اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ
17 ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين، اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘
18 يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي.
19 ابنآدم تہ کائيندو پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ھر ڪو پيو چوي تہ ’ڏسو، ھو پيٽو ۽ شرابي آھي، محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو دوست آھي.‘ خدا جي سياڻپ تہ سندس ڪمن مان ئي سچي ثابت ٿئي ٿي.“
20 پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻتہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي.