متي 11:20-26 SCLNT

20 پوءِ عيسيٰ انھن شھرن کي نندڻ لڳو جن ۾ ھن معجزا ڪيا ھئا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھن پنھنجن گناھن کان توبھہ نہ ڪئي ھئي.

21 ”مصيبت آھي تو تي اي شھر خرازين! ۽ مصيبت آھي تو تي اي شھر بيت⁠صيدا! ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھان ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ھا تہ ڪڏھن جو اتان جا ماڻھو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ رک وجھي پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪن ھا.

22 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن اوھين صور ۽ صيدا کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.

23 اي ڪفرناحوم! ڇا تون ڀانئين ٿو تہ تون عرش تي کڄي ويندين؟ بلڪل نہ، پر اٽلندو تون پاتال ۾ ڦٽو ڪيو ويندين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آھن سي جيڪڏھن سدوم شھر ۾ ڪيا وڃن ھا تہ اھو جيڪر اڄ ڏينھن تائين قائم ھجي ھا.

24 تہ پوءِ آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ آخرت جي ڏينھن تون سدوم شھر کان وڌيڪ ڀوڳيندين.“

25 تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.

26 ھا بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“