25 تنھن وقت عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! زمين ۽ آسمان جا مالڪ، آءٌ تنھنجا احسان مڃان ٿو جو تو ھي ڳالھيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آھن ۽ سادن کي ظاھر ڪري ڏيکاريون اٿيئي.
26 ھا بابا، ڇالاءِجو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“
27 پوءِ مسيح چيو تہ ”منھنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آھن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي ۽ نڪي پٽ کانسواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اھي جن تي پٽ ظاھر ڪري.
28 اوھين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آھيو سي مون وٽ اچو، آءٌ اوھان کي آرام ڏيندس.
29 منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِجو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو،
30 ڇالاءِجو منھنجي پاڃاري سولي آھي ۽ منھنجو بار ھلڪو آھي.“