9 پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا، تہ ٻڌو آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.
10 يحيٰ اھو آھي جنھن بابت خدائي ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ’آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿوتہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘
11 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪيبہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.
12 يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وٺي ھن وقت تائين آسمان واري بادشاھت تي ڏاڍائي پئي ٿي آھي ۽ ڏاڍا ماڻھو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائين ٿا.
13 ڇالاءِجو سڀني نبين ۽ توريت اھا ڳالھہ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي آھي.
14 جيڪڏھن اوھين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو ھو سو ھي يحيٰ اٿوَ.
15 جنھن کي بہ ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“