16 ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ ”مون بابت ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو.“
17 اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿيو تہ
18 ”ڏسو، ھي منھنجو ٻانھو آھي،جنھن کي مون چونڊيو آھي.ھي منھنجو پيارو آھي،۽ آءٌ ھن مان ڏاڍو خوش آھيان.آءٌ ھن تي پنھنجو روح نازل ڪندس،۽ ھي غير قومن ۾ منھنجي انصاف جو اعلان ڪندو.
19 ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو،۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
20 ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو،۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو.ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي،
21 ۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“
22 پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.