20 ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو،۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو.ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي،
21 ۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“
22 پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.
23 ساري خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا ھي دائود جو پٽ آھي؟“
24 جڏھن فريسين کي اھا خبر پيئي تہ چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“
25 عيسيٰ انھن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنھن بہ بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوي ٿو سا برباد ٿيندي ۽ جنھن بہ شھر يا گھر ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سو بہ ھلي نہ سگھندو.
26 پوءِ جيڪڏھن شيطان، شيطان کي ڪڍندو تہ منجھس ڦيٽھڙو پوندو ۽ پوءِ سندس بادشاھت ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟