3 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”اوھان اھو ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟
4 ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ پوءِ ھن ۽ سندس ساٿين نذر جون اھي مانيون کاڌيون جيڪي رڳو ڪاھنن کي کائڻ جائز ھيون، پر کين نہ.
5 ڇا اوھان توريت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ھيڪل ۾ توڙي جو ڪاھن سبت جي ڏينھن جي پرھيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوھدار نہ ٿا ليکجن؟
6 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھتي ھڪڙو اھڙو بہ آھي جيڪو ھيڪل کان بہ وڏو آھي.
7 اھو لکيل آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي.‘ جيڪڏھن اوھين ھن جي صحيح معنيٰ سمجھو ھا تہ بيڏوھين کي ڏوھي نہ سمجھو ھا.
8 ابنآدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“
9 عيسيٰ اتان روانو ٿي انھن يھودين جي عبادتخاني ۾ ھليو ويو.