متي 13:15-21 SCLNT

15 ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي،اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن،۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن.انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن،پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين،۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘

16 پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا.

17 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

18 ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جو مطلب سمجھو.

19 اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

20 ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.

21 پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.