متي 13:19-25 SCLNT

19 اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

20 ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.

21 پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.

22 ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.

23 سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ ⁠سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“

24 عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو.

25 پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو.