22 ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.
23 سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌن ٿا، اُن کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ.“
24 عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت اھڙي ماڻھوءَ جي مثل آھي جنھن پنھنجي ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو.
25 پر ھڪڙيءَ رات جڏھن سڀ ماڻھو ستا پيا ھئا تہ ھن جو ھڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي ھليو ويو.
26 جڏھن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاھر ٿي پيا.
27 ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘
28 تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘