متي 13:28-34 SCLNT

28 تنھن تي ھن جواب ڏنو تہ ’اھو ڪنھن دشمن جو ڪم آھي.‘ پوءِ انھن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘

29 ھن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي.

30 ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پھريائين ڪانڊيرا پٽي گڏ ڪري باھہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري ڀانڊن ۾ رکن.‘“

31 عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت سرنھن جي داڻي مثل آھي، جيڪو کڻي ماڻھو پنھنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.

32 جيتوڻيڪ ھو سڀني ٻجن کان ننڍو آھي پر جڏھن اُڀري ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اھو وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واھيرو ڪن ٿا.“

33 عيسيٰ انھن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان واري بادشاھت خميري مثل آھي، جيڪو ڪنھن عورت کڻي اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“

34 عيسيٰ ميڙن کي ھي سڀ ڳالھيون مثالن سان ٻڌائيندو ھو ۽ مثالن کان سواءِ انھن سان ڪلام نہ ڪندو ھو،