متي 13:9-15 SCLNT

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“

10 پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اوھان اُنھن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالھايو؟“

11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ،

12 ڇالاءِ⁠جو جنھن وٽ ڪجھہ آھي، تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنھن وٽ ڪجھہ بہ ڪونھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو ھن وٽ آھي.

13 آءٌ انھن سان مثالن ۾ انھيءَ ڪري ڳالھايان ٿو ⁠جو اھي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي.

14 اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين،اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين.

15 ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي،اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن،۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن.انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن،پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين،۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘