12 يحيٰ جي شاگردن اچي لاش ورتو ۽ اُن کي دفن ڪيائون. پوءِ عيسيٰ کي اچي ٻڌايائون.
13 جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.
14 جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.
15 جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“
16 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. اوھين ئي انھن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“
17 انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“
18 عيسيٰ چيو تہ ”اھي مون وٽ کڻي اچو.“