29 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو عيسيٰ ڏانھن وڃڻ لڳو.
30 پر جڏھن ھن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”خداوند! بچاءِ، بچاءِ.“
31 تڏھن عيسيٰ ھڪدم ھٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنھنجو ايمان ڪيترو نہ ڪمزور آھي.“
32 پوءِ جڏھن ھو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا تہ واءُ بند ٿي ويو.
33 تنھن تي جيڪيبہ ٻيڙيءَ ۾ ھئا تن اچي کيس سجدو ڪري چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آھين.“
34 اھي ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيا.
35 اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو. تنھنڪري ھنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻھو گھرائي عيسيٰ وٽ آندا.