5 سو ھيروديس يحيٰ کي مارائڻ پئي چاھيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇالاءِجو ھنن يحيٰ کي نبي ٿي سمجھيو.
6 جڏھن ھيروديس جي جنم جو ڏينھن آيو تڏھن ھيرودياس جي ڌيءَ ماڻھن جي وچ ۾ بيھي ناچ ڪيو. ھيروديس ايترو تہ خوش ٿيو
7 جو ھن قسم کڻي ساڻس واعدو ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“
8 تنھن تي ھن ائين ئي چيو جيئن ماڻس سيکاريو ھوس تہ ”مون کي يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالھہ ۾ ھتي گھرائي ڏيو.“
9 اھو ٻڌي بادشاھہ کي ڏاڍو ڏک ٿيو پر جيئن تہ ھن مھمانن جي اڳيان قسم کڻي واعدو ڪيو ھو، تنھنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ جيئن انھيءَ ڇوڪريءَ جي مرضي پوري ٿئي.
10 سو ماڻھو موڪلي جيل ۾ يحيٰ جي سسي لھرايائين.
11 سسي ٿالھہ ۾ وجھي آڻي ڇوڪريءَ جي اڳيان رکيائون، جنھن اُھا پنھنجي ماءُ کي ڏيئي ڇڏي.