14 انھن بابت ڳڻتي نہ ڪريو ڇاڪاڻتہ ھو انڌا اڳواڻ آھن. جيڪڏھن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“
15 تنھن تي پطرس پڇيو تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ انھيءَ مثال جي معنيٰ ڇا آھي.“
16 عيسيٰ چيو تہ ”اوھين بہ اڃا تائين بيسمجھہ آھيو ڇا؟
17 ايتري بہ خبر نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي وات اندر وڃي ٿو سو پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اتان نيٺ ٻاھر نڪري وڃي ٿو.
18 پر جيڪي شيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اھي ئي شيون انسان کي پليت ڪن ٿيون،
19 ڇالاءِجو انسان جي دل مان بڇڙا خيال نڪرن ٿا، جيڪي خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاھدي ۽ گلا ڪرائين ٿا.
20 اھي ئي تہ شيون آھن جيڪي انسان کي پليت ڪن ٿيون. پر اڻڌوتل ھٿن سان کائڻ ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿو ڪري.“