21 پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي صور ۽ صيدا شھرن جي علائقي ڏانھن ويو.
22 اتان جي ھڪ ڪنعاني عورت ھن وٽ آئي ۽ رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي سائين! اي ابن دائود! مون تي رحم ڪريو. منھنجي ڌيءَ کي ڀوت آھي، جيڪو کيس ڏاڍو ھلاک ٿو ڪري.“
23 پر عيسيٰ ان عورت کي ڪو جواب نہ ڏنو. سندس شاگردن وٽس اچي منٿ ڪري چيس تہ ”ھن کي روانو ڪريو جو ھوءَ اسان جي پٺيان رڙيون ڪندي اچي ٿي.“
24 تنھن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گھراڻي جي گمراھہ ٿيل رڍن لاءِ موڪليو ويو آھيان.“
25 پر ھوءَ اچي عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ چيائينس تہ ”اي سائين! منھنجي مدد ڪريو.“
26 عيسيٰ چيس تہ ”اھو واجب نہ آھي جو ٻارن جي ماني کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“
27 پر عورت جواب ڏنو تہ ”اھو تہ برابر آھي پر ڪتا بہ تہ مالڪن جي دسترخوان جا ڪريل ٽڪر کائيندا آھن.“