متي 15:29-35 SCLNT

29 عيسيٰ اتان روانو ٿي گليل ڍنڍ جي ڪناري سان ھلڻ لڳو. پوءِ ھو ھڪڙي ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ اُتي ويھي رھيو.

30 ماڻھن جا وڏا ميڙ وٽس آيا جن پاڻ سان منڊا، انڌا، ٽُنڊا، گونگا ۽ ٻيا ڪيترا ئي بيمار آندا. انھن کي عيسيٰ جي پيرن وٽ ويھاريائون ۽ ھن کين شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.

31 جڏھن انھن ڏٺو تہ گونگا ڳالھائين ٿا، ٽُنڊا سڄا ٿي پيا آھن، منڊا گھمن ٿا ۽ انڌا ڏسن ٿا تڏھن ھو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

32 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

33 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“

34 عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“

35 تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“