33 تنھن تي شاگردن چيس تہ ”ھتي سڃ ۾ اسين ھيڏي ساري خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري ماني ڪٿان آڻينداسين؟“
34 عيسيٰ پڇين تہ ”اوھان وٽ ڪيتريون مانيون آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ست مانيون ۽ ٿوريون ڪُرڙيون.“
35 تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويھو.“
36 پوءِ ھن ست ئي مانيون ۽ مڇيون ھٿن تي کڻي انھن ۾ برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو شاگردن کي ڏيندو ويو ۽ شاگرد خلق کي ڏيندا ويا.
37 انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏھن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو شاگردن ست کاريون ڀري کنيون.
38 جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ چار ھزار ھو.
39 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مگدن جي علائقي ڏانھن ھليو ويو.