5 پر اوھين ماڻھن کي سيکاريو ٿا تہ جيڪڏھن ڪنھن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جنھن سان ھو پنھنجي پيءُ يا ماءُ جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر ھو چوي ٿو تہ ’اھا خدا جي نذر ٿي چڪي آھي،‘
6 تہ پوءِ ڀلي پنھنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري. اھڙيءَ طرح اوھين پنھنجي ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.
7 اي رياڪارو! بيشڪ خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت اوھان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح چيو آھي تہ
8 ’ھيءَ قوم پنھنجن چپن سان تہ مون کي عزت ڏئي ٿي،پر ھنن جي دل مون کي نہ ٿي گھري.
9 ھو منھنجي عبادت اجائي ٿا ڪن،ڇالاءِجو ھو ماڻھن جا حڪم ائين ٿا سيکارينڄڻ تہ اُھي منھنجا حڪم آھن.‘“
10 پوءِ عيسيٰ سڄي خلق کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻڌو ۽ سمجھو
11 تہ جيڪابہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا ماڻھوءَ کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي ماڻھوءَ کي پليت ڪري ٿي.“