20 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آھيان.“
21 انھيءَ وقت کان پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي کليو کلايو چئي ڇڏيو تہ ”آءٌ يروشلم ضرور ويندس ۽ اتي بزرگن، سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جون گھڻيون سختيون سھندس. مون کي ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندس.“
22 پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ سختيءَ سان چوڻ لڳس تہ ”اي خداوند! خدا خير ڪري، شل تو سان ائين نہ ٿئي.“
23 عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منھنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. منھنجي راھہ ۾ تون رڪاوٽ آھين، ڇالاءِجو تون خدا وانگر نہ پر ماڻھن وانگر ٿو سوچين.“
24 پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏھن ڪو منھنجي پٺيان ھلڻ گھري تہ ھو پنھنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان ھلي.
25 ڇالاءِجو جيڪو چاھي ٿو تہ ’آءٌ پنھنجي جان بچايان،‘ سو اھا وڃائيندو، پر جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندو تنھن کي اھا ملندي.
26 ڀلا ماڻھوءَ کي انھيءَ مان ڪھڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ ھٿ ڪري پر پنھنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻھو ڪجھہ بہ ڏيئي پنھنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.