13 پوءِ شاگردن سمجھيو تہ ھو ساڻن يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري بابت ڳالھائي رھيو ھو.
14 جڏھن اُھي خلق ڏانھن موٽيا تہ ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي
15 چيائين تہ ”سائين! منھنجي پٽ تي رحم ڪريو، ڇاڪاڻتہ ھن کي مرگھيءَ جو اھڙو خوفناڪ مرض آھي جو اڪثر ڪري باھہ يا پاڻيءَ ۾ وڃيو ڪري.
16 آءٌ کيس اوھان جي شاگردن وٽ وٺي آيو ھوس، پر اُھي کيس ڇٽائي نہ سگھيا.“
17 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان وٽ ھوندس؟ ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ ڇوڪري کي مون وٽ وٺي اچ.“
18 عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو تہ ھو نڪري ويو ۽ انھيءَ گھڙيءَ ڇوڪرو چڱو ڀلو ٿي پيو.
19 پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ نويڪلائيءَ ۾ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اسين ھن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسون؟“