6 جڏھن شاگردن ھي آواز ٻڌو تہ اُھي ايترا تہ ڊڄي ويا جو پاڻ کي منھن ڀر زمين تي ڪيرائي ڇڏيائون.
7 عيسيٰ انھن وٽ اچي کين ھٿ لائي چيو تہ ”اٿو ۽ ڊڄو نہ.“
8 پوءِ انھن اکيون کڻي نھاريو تہ عيسيٰ کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ ڪونہ ھو.
9 جيئن ھو جبل تان ھيٺ لٿا پئي تہ عيسيٰ انھن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ اھو تيستائين ڪنھن کي بہ نہ ٻڌائجو، جيستائين ابنآدم موت کان پوءِ وري جيئرو نہ ٿئي.“
10 پوءِ شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”شريعت جا عالم ڇو ٿا چون تہ پھريائين الياس نبيءَ جو اچڻ ضروري آھي؟“
11 ھن وراڻيو تہ ”برابر، الياس پھريائين ايندو ۽ ھر ھڪ شيءِ تيار ڪندو.
12 پر آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ الياس اچي چڪو ۽ ماڻھن ھن کي نہ سڃاتو، بلڪ ساڻس جيئن وڻين تيئن ئي سلوڪ ڪيائون. ساڳيءَ طرح ابنآدم سان بہ اُھي ائين ئي سلوڪ ڪندا.“