متي 18:12-18 SCLNT

12 ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ⁠سؤ رڍون ھجن ۽ انھن مان ھڪ وڃائجي وڃينس تہ ڇا ھو نوانوي رڍن کي ٽڪر تي چرندو ڇڏي اُن ھڪ وڃايل رڍ کي ڳولڻ لاءِ نہ ويندو؟

13 جڏھن ھو اھا رڍ لھي ٿو تہ آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ اُھي نوانوي جيڪي گم نہ ٿيون آھن تن کان وڌيڪ ھو انھيءَ ھڪ لاءِ خوشي ڪندو.

14 ساڳيءَ طرح اوھان جو آسمان وارو پيءُ نہ ٿو چاھي تہ ھنن ننڍڙن مان ڪو ھڪڙو بہ گمراھہ ٿي وڃي.“

15 ”جيڪڏھن اوھان جي ڪليسيا جو ڪو ماڻھو اوھان جو ڏوھہ ٿو ڪري تہ ھن کي اھو ڏوھہ اڪيلائيءَ ۾ ياد ڏياريو. جيڪڏھن ھن اوھان جي ڌيان سان ٻڌي تہ ڄڻ اوھان ھڪ ھم⁠ايمان کي موٽائي آندو،

16 پر جيڪڏھن ھو اوھان جي ڌيان سان نہ ٻڌي تہ پوءِ جيئن لکيل آھي تہ ’ھڪڙو يا ٻہ شخص پاڻ سان وٺي وڃو تہ جيئن سڄو ڏوھہ ٻن يا ٽن شاھدن جي سامھون مٿس ثابت ٿئي.‘

17 جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“

18 ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي.