متي 19:11-17 SCLNT

11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻھو اھا ڳالھہ قبول ڪري نہ سگھندا، رڳو اھي ئي قبول ڪندا جن کي خدا کان اھڙي طاقت مليل ھوندي.

12 ڇالاءِ⁠جو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“

13 ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو.

14 عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“

15 عيسيٰ انھن تي پنھنجا ھٿ رکيا. پوءِ ھو اتان روانو ٿي ويو.

16 ھڪ دفعي ھڪ ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪھڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“

17 عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“