1 يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس جي ڏينھن ۾ عيسيٰ يھوديہ جي بيتلحم شھر ۾ پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ستت ئي ڪي نجومي اڀرندي کان يروشلم ۾ آيا،
2 ۽ اچي پڇيائون تہ ”اھو ٻار ڪٿي آھي جيڪو يھودين جو بادشاھہ ٿيڻ لاءِ ڄائو آھي؟ اسان ھن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آھي ۽ اسين ھن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آھيون.“
3 ھيروديس بادشاھہ جڏھن ھي ٻڌو تہ ھو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻھو ڏاڍا پريشان ٿيا.
4 ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“