20 جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻتہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آھن.“
21 تنھن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22 جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،
23 ۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“