متي 2:4-12 SCLNT

4 ھن سڀني سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“

5 انھن وراڻيو تہ ”يھوديہ جي بيت⁠لحم ۾، ڇالاءِ⁠جو نبيءَ جي معرفت ھيئن لکيو ويو آھي تہ

6 ’اي بيت⁠لحم! يھوديہ جي ملڪ ۾،تون ڪنھن بہ طرح يھوديہ جي شھزادن مان،ڪنھن کان بہ ننڍو نہ آھين.ڇالاءِ⁠جو تو منجھان ھڪ حاڪم نڪرندو،جو منھنجي قوم بني اسرائيل جي رھبري ڪندو.‘“

7 تنھن تي ھيروديس انھن نجومين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪھڙي وقت نظر آيو ھو؟“

8 پوءِ ھن انھن کي ھي حڪم ڏيئي بيت⁠لحم ڏانھن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏھن اوھين انھيءَ کي لھو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ اچي کيس سجدو ڪريان.“

11 ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

12 خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا.