متي 20:18-24 SCLNT

18 ”ٻڌو، اسين يروشلم ڏانھن ھلي رھيا آھيون جتي ابن⁠آدم سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا.

19 پوءِ اُھي کيس غير قومن جي حوالي ڪندا، جيڪي مٿس چٿرون ڪندا، چھبڪ ھڻندس ۽ صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندس ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

20 پوءِ زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنھنجي ٻنھي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ پيرين پئي کيس ھڪ عرض ڪرڻ لڳي.

21 عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي ھُن چيس تہ ”واعدو ڪريو تہ جڏھن اوھان جي بادشاھت اچي تہ منھنجو ھڪڙو پٽ اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويھي.“

22 عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“

23 تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”بيشڪ اوھين منھنجو پيالو پيئندا. پر پنھنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويھارڻ منھنجي اختيار ۾ نہ آھي. اھي جايون انھن جون آھن جن جي لاءِ منھنجي پيءُ تيار ڪيون آھن.“

24 جڏھن ٻين ڏھن شاگردن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ اھي ٻنھي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.