متي 21:16-22 SCLNT

16 تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“

17 پوءِ عيسيٰ انھن کي ڇڏي شھر مان نڪري بيت⁠عنياہ ڏانھن ويو جتي ھو رات ٽڪيو.

18 ٻئي ڏينھن صبح جو سوير جڏھن عيسيٰ شھر ڏانھن موٽيو پئي تہ کيس اچي بک لڳي.

19 ھن رستي جي ڀر ۾ ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانھن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن ھئا. تنھن تي ھن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏھن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏھن اھو وڻ ھڪدم سڪي ويو.

20 ھي ڏسي شاگرد حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“

21 عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪڏھن اوھين يقين رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوھين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون ھن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏھن اوھين ھن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنھنجي جاءِ تان ھٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِرُ،‘ تہ اھو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.

22 جيڪڏھن اوھين ايمان آڻيندا تہ جيڪي ⁠بہ دعا ۾ گھرندا سو اوھان کي ملي ويندو.“