24 ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو رياولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رنزال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.
25 اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر رياولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو.
26 اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي.
27 انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي.
28 ھاڻي ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينھن اھا عورت انھن ستن مان ڪنھن جي زال ٿيندي؟ ڇوتہ سڀ ئي ھن سان پرڻيا ھئا.“
29 عيسيٰ انھن کي جواب ڏنو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.
30 ڇالاءِجو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تہ نہ اھي پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، پر جيئن بھشت ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي ھوندا.