36 کانئس پڇيو تہ ”استاد! شريعت ۾ وڏو حڪم ڪھڙو آھي؟“
37 تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”’تون خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄي جان ۽ پنھنجي سڄيءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘
38 اھو ئي سڀني کان وڏو ۽ پھريون حڪم آھي.
39 ٻيو حڪم بہ انھيءَ جھڙو آھي تہ ’تون پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.‘
40 سڄو توريت ۽ نبين جا صحيفا بہ ھنن ٻن حڪمن تي مدار رکن ٿا.“
41 جڏھن فريسي اچي گڏ ٿيا تہ عيسيٰ انھن کان پڇيو تہ
42 ”اوھين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ ھو ڪنھن جي اولاد مان آھي؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھو دائود جو اولاد آھي.“