1 پوءِ عيسيٰ ميڙ ۽ پنھنجن شاگردن کي چيو تہ
2 ”شريعت جي عالمن ۽ فريسين کي موسيٰ جي شريعت جو اختيار مليل آھي.
3 تنھنڪري اوھان کي انھن جو ھر ھڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انھن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇالاءِجو جيئن اھي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.
4 ھو ڳرا بار ٻڌي ماڻھن جي ڪلھن تي تہ رکن ٿا پر پاڻ انھن بارن کي ھٿ بہ نہ ٿا لائين.
5 ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.
6 ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادتخانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا.
7 ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.