5 ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.
6 ھو مجلسن ۾ مٿاھيون جايون ٿا والارين ۽ عبادتخانن ۾ خاص جاين تي ويھڻ پسند ڪن ٿا.
7 ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.
8 اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.
9 اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي.
10 نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.
11 اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي.