7 ھو چاھين ٿا تہ ماڻھو کين بازارن ۾ سلامي ٿين ۽ کين ’سائين‘ يا ’استاد‘ ڪري سڏين.
8 اوھان کي ’سائين‘ يا ’استاد‘ سڏائڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھين سڀيئي ھڪٻئي جا ڀائر آھيو ۽ اوھان جو رڳو ھڪ استاد آھي.
9 اوھان کي ھن دنيا ۾ ڪنھن کي بہ پنھنجو پيءُ سڏڻ نہ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي پيءُ آھي جو آسمان ۾ آھي.
10 نہ وري اوھان کي اڳواڻ سڏائڻ کپي، ڇاڪاڻتہ اوھان جو ھڪڙو ئي اڳواڻ آھي يعني مسيح.
11 اوھان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آھي تنھن کي اوھان جو خدمتگار ٿيڻ کپي.
12 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
15 مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو.