متي 25:24-30 SCLNT

24 پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِ⁠جو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو.

25 تنھنڪري مون کي ڊپ ٿيو، سو مون وڃي اوھان جا ڏنل ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا زمين ۾ پوري ڇڏيا. اِجھو، ھي اوھان جا پيسا.‘

26 تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان

27 تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘

28 پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو.

29 ڇالاءِ⁠جو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.

30 اوھين ھن بيڪار نوڪر کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽي.‘“