26 تنھن تي سندس مالڪ چيو تہ ’اي بڇڙا ۽ سست نوڪر! جڏھن تو کي اھا بہ خبر ھئي تہ آءٌ اھو لڻندو آھيان جيڪو پوکيندو ئي نہ آھيان ۽ اھو گڏ ڪندو آھيان جيڪو ڇٽيندو ئي نہ آھيان
27 تہ پوءِ تو کي گھربو ھو تہ منھنجا پيسا سيڙائين ھا ۽ جڏھن آءٌ موٽي اچان ھا تہ پيسا منافعي سميت اچي وٺان ھا.‘
28 پوءِ حڪم ڏنائين تہ ’ھن کان اھو ھڪ ھزار بہ کسي ڏھن ھزارن واري نوڪر کي ڏيو.
29 ڇالاءِجو جنھن ڪجھہ ڪمايو آھي تنھن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنھن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آھي، تنھن کان اھو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آھي.
30 اوھين ھن بيڪار نوڪر کي ڌڪا ڏيئي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلايو، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ پنھنجا ڏند ڪرٽي.‘“
31 ”جڏھن ابنآدم پنھنجي جلوي سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ ھوندا، تڏھن ھو پنھنجي جلال واري تخت تي ويھندو
32 ۽ سڀني قومن جا ماڻھو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ ھو انھن کي ٻن ٽولن ۾ ورھائيندو، جيئن ريڍار پنھنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آھي.