25 دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“
26 جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“
27 پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو،
28 اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو.
29 آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“
30 پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.
31 پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘