40 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو سمھيا پيا آھن. تنھن تي ھن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوھين ھڪڙو ڪلاڪ بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟
41 جاڳندا رھو ۽ دعا گھرو تہ شل اوھين ڪنھن آزمائش ۾ نہ پئو. سچ پڇو تہ روح تہ گھري ٿو پر بدن ڪمزور آھي.“
42 عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“
43 پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.
44 وري بہ عيسيٰ انھن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اھي ساڳيا لفظ چيائين.
45 پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابنآدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.
46 اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“