47 اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.
48 دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘
49 ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.
50 تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ميان، جنھن ڪم لاءِ آيو آھين سو جلدي ڪر.“ پوءِ ھنن اچي عيسيٰ کي ٻڌو ۽ قابو ڪيائونس.
51 تنھن تي عيسيٰ جي ساٿين مان ھڪڙي سٽ ڏيئي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.
52 تڏھن عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻتہ جيڪيبہ تلوار ڪڍن ٿا سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.
53 تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟