5 پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“
6 جڏھن عيسيٰ بيتعنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ
7 ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو.
8 شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
9 ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“
10 عيسيٰ سندن اھا ڳالھہ ٻڌي چيو تہ ”اوھين ھن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.
11 غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.