62 وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“
63 پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو. وري ھن چيس تہ ”زندہ خدا جي نالي تي ھاڻي آءٌ تو کي قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون مسيح، خدا جو فرزند آھين؟“
64 عيسيٰ ھن کي وراڻيو تہ ”اھو تہ تو پاڻ چيو آھي، بلڪ آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھن کان پوءِ اوھين ابنآدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي تي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“
65 انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.
66 اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”ھي ڏوھي آھي ۽ ھن کي مارڻ کپي.“
67 پوءِ اھي ھن جي منھن تي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ کيس ٺونشا ھنيائون. ڪن کيس چماٽون ھنيون
68 ۽ چيائون تہ ”اي مسيح! نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“